ٺاروشاھ (رپورٽر) ٺاروشاھ ۾ نجي اسڪول انتظاميا جي مبينا زيادتين خلاف شاگردن احتجاج ڪيو، ان ڏس ۾ ڳوٺ مصري سولنگي واسي ٻن ڇهين ڪلاس جي شاگردن عتيق الرحمان سولنگي ۽ احسن علي سولنگي ٿاڻي آڏو احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته ٺاروشاھ جي نجي هاءِ اسڪول جي انتظاميا ڪورونا وائرس جي لاڪ ڊائون سبب بند پيل اسڪول دوران بقايا ڄاڻائي 24000 هزار روپيا طلب ڪيا آھن، هنن چيو ته اسان جا والدين پورهيت هئڻ ڪري اسڪول جي بقايا جمع نه ڪرائي سگهيا جنهن ڪري اسڪول انتظاميا اسان کي اسڪول مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي، هنن ٻڌايو ته اسان سرڪاري اسڪول ۾ داخلا وٺڻ وياسين ته هنن نجي اسڪول جو سرٽيفڪيٽ گهريو جيڪو نجي اسڪول جي انتظاميا ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته سرٽيفڪيٽ نه هجڻ سبب اسانجو تعليمي سال ضايع ٿيڻ جو خدشو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.