مورو (ن پ ا) مورو جي مين گرلس پرائمري اسڪول جي ٻاھرين ديوار اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن دوران شاگرد ۽ شاگردياڻيون معجزاڻي طور محفوط رھيون، ديوار ڪرڻ سبب ٻارن ۾ خوف ڇائنجي ويو، جڏھن ته ڪافي ماڻھو ۽ ٻارڙن جا والدين اسڪول پھچي ويا، اھڙو اطلاع تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن، بلڊنگس کاتي جي عملدارن سميت ڊي سي نوشھرو فيروز کي ڏنو ويو جن اسڪول پھچي ڪريل ديوار جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي اسڪول جي ٻارڙن ڪريل ديوار جي جلد اڏاوت لاءِ معصوما سولنگي، پاشا سولنگي، رحمٰن سيال، سميرا سيال جي اڳواڻي ۾ احتجاج پڻ ڪيو.