پيارو اسٽيشن (ن۔ پ .ا) پيارو اسٽيشن ۾ گورنمنٽ ھاءِ اسڪول خان محمد آباد جي عمارت نه ھئڻ خلاف شھرين شاگردن ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ريلي پيارو شھر جي مختلف رستن تان ٿيندي اچي مين پيارو روڊ ڦاٽڪ وٽ پهتي جتي اڳواڻن منير سمون ،ممتاز عابد ملاح، گڊو مڱڻھار، زين سمون ۽ ٻين چيو ت 2011۾ ان وقت تعليم جي وزير پير مظھرالحق چار استاد مقرر ڪري ھاء اسڪول جي عمارت ڏيارڻ جو چيو جيڪا عمارت اڄ تائين نه ملي سگھي جيسيتائين سرڪاري عمارت ملي تيسيتائين مقرر استادن شاگردن کي اٺين درجي تائين گرلس مڊل اسڪول جي اندر پڙھائڻ جو سلسلو جاري رکيو جڏهن ته گرلس مڊل اسڪول جي عمات به زبون حال ٿي چڪي آھي اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آھن هنن وڌيڪ چيو ته ھاء اسڪول جي عمارت نه هجڻ ڪري پيارو جا نوجوان نائون ۽ ڏهون درجو پڙھڻ لاء ٻين شھرن جو رک ڪن ٿا جنهن سبب انهن کي سخت پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي وڃي ٿو۔ اختياريون نوٽيس وٺن.