سکر (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف اڳواڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ تي ايس ايس پي سکر عرفان سمون خلاف احتجاجي ريلي، پريس ڪلب آڏو ڌرڻو، شديد نعريبازي. پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻ ديدار حسين جتوئي تي قتل ڪيس داخل ٿيڻ ۽ سندس گھر تي پوليس چڙهائي جي ردعمل ۾ گذريل ڏينهن ايس ايس پي سکر عرفان سمون خلاف تحريڪ انصاف نادرن سنڌ سکر ريجن جي سڏ تي ملٽري روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي مينارا روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن کي هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ جھنڊا کنيل هئا، جن تي ايس ايس پي خلاف نعرا لکيل هئا. ان موقعي تي منور علي چوھاڻ، عبدالعزيز ابڙو، صفيا بلوچ، صبا ڀٽي، ظھير بابر، ڪاشف قاضي ۽ ٻين الزام مڙهيندي چيو ته ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ٿيل پ پ اڳواڻ جي چوڻ تي ايس ايس پي سکر عرفان سمون، صنعتڪار ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ديدار حسين جتوئي تي سياسي انتقام تحت ڪيس داخل ڪري سندس گھر تي چڙهائي ڪئي، اهو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي. سکر پوليس پيپلز پارٽي جي وانگار وهندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف انتقامي ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن. هنن چيو ته ورڪشاپ روڊ تي نجي اسپتال ٻاهران جتوئي جاگيراڻي برادرين جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان قتل ٿي ويل ٻن ڄڻن جي ڪيس ۾ ديدار حسين جتوئيءَ کي شامل ڪيو ويو آهي. هنن جو چوڻ هو ته ڪرپشن ذريعي ڪک پتيءَ مان لک پتي بڻجندڙ سياستدان پي ٽي آءِ ۽ ديدار حسين جتوئي جي مقبوليت ڏسي وائڙا ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي سکر عرفان سمون کي هٽائي پي ٽي آءِ اڳواڻ خلاف داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي.