ڪراچي (شوبز نيوز) ناليواري گلوڪار عاطف اسلم جو نئون گيت ”اجنبي“ رليز ٿي ويو.عاطف اسلم انسٽاگرام تي پنهنجي نئين گيت جا شروعاتي ٻول شيئر ڪيا، جڏهن ته هن ان جو حصو بڻجڻ تي اداڪارا ماهرا خان جا ٿورا به مڃيا.عاطف اسلم ۽ ماهرا خان جو نئون گيت رليز ٿيندي ئي مقبول ٿي ويو آهي، ماڻهن طرفان ان گيت کي ڏاڍو پسند ڪيو پيو وڃي ۽ هيل تائين لکين ماڻهو ان کي ٻڌي چڪا آهن.