ٺاروشاهه/ ڳڙهي حسن (نمائندن وٽان) ٺاروشاهه ۽ ڳڙهي حسن ويجهو نينگري ۽ عورت مليريا وگهي فوت ٿي ويون، خبر موجب ڳڙهي حسن شهر جي ڌوئا پاڙي ۾  مليريا وگهي 7  ورهين جي نينگري سميران  ڌيءُ ادب ڌوئو فوت ٿي وئي، نينگري جي فوت ٿيڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ٻئي پاسي ٺاروشاهه ويجهو ڳوٺ بچل عالماڻي واسي 38 سالا عورت شاهدهه زال علي نواز عالماڻي مليريا سبب زندگي جي جنگ هارائي وئي.