پير وسڻ (ن پ ا) پير وسڻ ۽ ڀرپاسي خان واھ ۽ سم نالن کي ڪٽ ڏئي ڇوڙ ڪيل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف نوجوان اتحاد ۽ سول سوسائٽي پاران مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال ڪالهه چوٿين ڏينھن به جاري رهي، بک هڙتالي ڪئمپ تي ويٺل ٽن نوجوانن جي طبيعت خراب ٿيڻ لڳي، ان جي باوجود انتظاميا ڪوبه تحرڪ نه ورتو. مرڻ گھڙي تائين ڪئمپ جاري رکڻ جو اعلان. تفصيل موجب پيروسڻ ۽ ڀرپاسي جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن مان خان واھ ۽ سم نالن کي ھٿرادو ڪٽ ھڻي ڇوڙ ڪيل برساتي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ خلاف پيروسڻ ۾ نوجوان اتحاد ۽ سول سوسائٽي پاران مرڻ گهڙيءَ تائين لڳايل بک ھڙتالي ڪئمپ تي ويٺل ٽن نوجوانن منظور سنڌي، زوھيب ڦل ۽ زاھد مجيداڻو جي طيعت خراب ٿيڻ لڳي. ان باوجود ڪئمپ تي ويٺل متاثرن پاران بک هڙتالي ڪئمپ جاري رکڻ جو اعلان برقرار رهيو. بک هڙتال ڪئمپ تي ويٺل نوجوان اتحاد جي اڳواڻن منظور سنڌي، باست علي سومرو، علي زيب جمالي، عبدالقدير جمالي، صدام سنڌي، زاھد حسين ڦل، شمن علي سومرو، آڪاش عامر، اعجاز علي زاهد علي مجيداڻو، منٺار علي سومرو ۽ ٻين  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيروسڻ ۽ ڀرپاسي جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن سميت تعلقي ٺري ميرواه جي ڳوٺن ۾ بيٺل پاڻيءَ ۽ خان واھ واھ توڙي سم نالن کي ڪٽ لڳائي ڇوڙ ڪيل برساتي پاڻي گهرن توڙي روڊ رستن جي مٿان بيهڻ سبب علائقي واسين جون زندگيون عذاب بڻيل آھن پر ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ اي سي ٺري ميرواهه جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب ھن مھل تائين پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي. هنن واضح ڪيو ته برساتي پاڻي جي مڪمل طور نيڪال تائين احتجاج جاري رهندو.