روهڙي (ن پ ا) مھانگائي، بي روزگاري ۽ ٻوڏ  متاثرن جي امداد نه ٿيڻ خلاف جماعت اسلامي پاران نيشنل هاءِ وي تي مختلف رڪاوٽون رکي احتجاجي مظاهرو، ڌرڻي سبب نيشنل هاءِ وي کي هڪ پاسي کان بند ڪيو ويو. ان موقعي تي جماعت اسلامي جي مرڪزي امير سراج الحق ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته حڪمران پاڻ ته بنگلن ۾ رهن ٿا پر کين جهوپڙين ۽ ڪچن گهرن ۾ رهندڙ عوام جي ڪا به پرواهه ناهي. برسات متاثرن جي بحاليءَ لاءِ هوائي ۽ سامونڊي جهاز ڀرجي آيا، قوم به حڪومت جي مدد ڪئي، پر متاثرن جي امداد ناهي ڪئي وئي. هن چيو ته ڪيترن ئي علائقن مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو. هنن وڌيڪ چيو ته متاثرن جي بحاليءَ لاءِ جمع ٿيل فنڊ وزير، مشير ۽ ڪائونسلر ڳڙڪائي ويا آهن. سراج الحق وڌيڪ چيو ته حڪمرانن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته عوام هاڻي اوهان جو احتساب ضرور ڪندو. ماڻهن کي حق نه مليا ته عوام جا ھٿ حڪمرانن جي ڳچيءَ ۾ ھوندا.