اسلام آباد (بيورو رپورٽ) متحده عرب امارات جو صدر محمد بن زيد النيهان نجي دوري تي پاڪستان پهچي ويو، وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات، تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي يو اي اي جو صدر محمد بن زيد النيهان پاڪستان پهچي ويو آهي، رحيم يارخان جي چندنه ايئرپورٽ تي وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي صدر جو شاندار استقبال ڪيو، ان موقعي تي پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا، وزيراعظم شهباز شريف متحده عرب امارات جي صدر سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻطرفي دلچسپي جي مامرن، واپار، سرمائيڪاري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد، بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ يو اي اي جي مدد تي شڪريو ادا ڪيو. ذريعن موجب يو اي اي صدر وزيراعظم کي پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري، سندس چوڻ هو ته اوهان تياري ڪريو، يو اي اي پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪندو.