اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي هڪ ٻيو وڏو رليف ملي ويو، احتساب عدالت آصف زرداري خلاف پارڪ لين ريفرنس واپس نيب ڏانهن اماڻي ڇڏيو، احتساب عدالت نيب جي نئين ترميمي ايڪٽ تحت ريفرنس نيب ڏانهن اماڻيو، احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا گذريل ٻڌڻي دوران درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.