اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ڪراچي مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي متعلق تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ درخواست گذارن کي 7 ڏينهن ڏئي ڇڏيا، تفصيل موجب ڪراچي بلدياتي چونڊن جي حوالي سان جماعت اسلامي جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، جماعت اسلامي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته مان ڌانڌلي جو الزام نه ٿو هڻان پر وڏي پيماني تي بي ضابطگيون ٿيون، 6 يونين ڪائونسلون هڪ مثال آهن، جن کي اليڪشن ڪميشن ۾ آندو آهي، پرزائيڊنگ آفيسرن طرفان هڪ يونين ڪائونسل ۾ هڪ کان 2 هزار ووٽن جي ڳڻپ ۾ ئي غلطي ڪئي وئي، هڪ يوسي ۾ فارم اليون مطابق جماعت اسلامي جا 2088 ۽ پيپلز پارٽي جا 546 ووٽ هئا ۽ رزلٽ ۾ پيپلز پارٽي جا 1988 ووٽ ڪيا ويا، آر او ته غائب ٿي ويا هئا، آر اوز، پولنگ عملي تمام گهڻيون زيادتيون ڪيون،  ٽن پولنگ اسٽيشنن تي اهي پوليس سان گڏ آيا ۽ دٻا کڻي ڀڄي ويا، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته توهان شڪايت درج ڪريو اسان چونڊ ٻيهر ڪرائينداسين، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊن کي سنجيدگي سان ورتو آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن به کاتي جي ماڻهن کي سزا ڏئي سگهي ٿي، ڪراچي مڪاني چونڊن ۾ بدنيتي ثابت ٿي ته ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، پيپلزپارٽي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته هن مهل تائين حتمي نتيجا مرتب نه ٿيا آهن، اليڪشن ڪميشن فوري حتمي نتيجا جاري ڪري، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته نتيجا جلد مرتب ڪريون چاهي اهي غلط ئي ڇو نه هجن؟ اليڪشن ڪميشن تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ درخواستگذارن کي 7 ڏينهن ڏئي ڇڏيا ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 2 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.