اسلام آباد (بيورو رپورٽ) يو اي اي پاران شيخ نيهان بن مبارڪ ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ ڪروڙ ڊالر جي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، وزيراعظم هائوس مطابق ٻوڏ متاثرن لاءِ انفرادي طور تي هن وقت تائين مليل امداد ۾ اها رقم سڀ کان وڏي آهي، وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن لاءِ فراخ دلي سان مدد تي شيخ نيهان بن مبارڪ جو شڪريو ادا ڪيو آهي.