ڪوٽڙي (رپورٽر) ڄامشوري جي رليف ڪئمپن ۾ متاثرن جون درد ڪهاڻيون سامهون اچڻ لڳيون آهن.ان ڏس ۾ گلشن شهباز جي رليف ڪئمپ ۾ رهندڙ ڪي اين شاھ واسڻ نينگري نشاء سڄي ڏينهن جي بک کان پوءِ ٻارن سان راند ڪندي مٽيءَ جون مانيون پچائي ڏکارو ڪري ڇڏيو، راند روند دوران نشاء کوسو بک ۾ مٽيءَ جون مانيون پچائي دل وندرائڻ لڳي، ضلعي انتظاميا واهر نه ڪئي، جڏهن ته ڄامشوري جي رليف ڪئمپن  ۾ رهندڙ ٻين هزارين ٻوڏ سٽيلن جا اهنج گهٽجڻ بدران ويتر وڌي ويا، 20 هزار کان مٿي ماڻهن منجهان فقط ڏيڍ سئو ماڻهن کي خيما ملي سگهيا آهن جڏهن ته هزارين خاندان اس ۾ بي يارو مددگار ويٺل آهن، ڪي اين شاھ واسي هڪ خاندان جي ڀاتين جو چوڻ هيو ته سڀ ڪجھ وڪڻي سر بچائي هتي پهتا آهيون پر اسان کي ڏهن ڏينهن کان رڳو اس کان بچڻ لاءِ خيمو به ملي نه سگهيو آهي، ڪجھه مال متاع ڪاهي ايندڙ مالوندن جو مال به بک ۾ پاھ ٿيڻ لڳو آهي سندن چاري جو بندوبست نه ٿيو، بک ۾ پاھ ٿيندڙ ٻارڙا مانيء لاء واجهائي رهي آهن جڏهن ته ڊي سي پاران سيوهڻ ۾ ايمرجنسي جو چئي رليف ڪئمپن ۾ رهندڙ هزارين ماڻهن کي نظر اندار ڪيو ويو آهي.