لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) گڏيل قومن جو  سيڪريٽري جنرل اينتونيوگوتريس هڪ ڏينهن جي دوري تي 10 سيپٽمبر تي ٻوڏ ۽ برسات سٽيل بلوچستان جي شهر اوستا محمد جي دوري بعد لاڙڪاڻي پهچي رهيو آھي جتي هو قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ ترسيل ٻوڏ ۽ برسات متاثرن سان ملاقات ڪري انهن کان معلومات وٺندو ۽ هو ڏوڪري ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن سان ملاقات ڪندو. هوڏانهن گڏيل قومن جو  سيڪريٽري جنرل اينتونيوگوتريس ضلعي ۽ تعلقي عملدارن سميت ليڊي هيلٿ ورڪرن، ويڪسينيٽرن، نرسن، پمپ آپريٽرن سان ملاقات ڪري برسات سبب ٿيل نقصان، صحت جي سهولتن ۽ ٻين مسئلن بابت ڄاڻ وٺندو. اهڙي طرح يو اين او جو سيڪريٽري برساتن سبب متاثر ٿيل قديم تهذيبي ماڳ موهن جو دڙو جو به دورو ڪندو.