نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) ريڊوڪانو جڏهن امريڪا آئي ته اُن ڪواليفائنگ راوئنڊ بعد ئي پنهنجي واپسي جي ٽڪيٽ بڪ ڪرائي ڇڏي هئي، کيس ٽورنامينٽ جي فائنل مرحلي ۾ ڪواليفاءِ ڪرڻ جي اميد نه هئي. ريڊوڪانو هڪٻئي پٺيان سيٽ کٽڻ جو سلسلو شروع ڪيو ۽ اهو ڪري ڏيکاريو، جنهن بابت شايد هُن پاڻ به ڪڏهن سوچو نه هو، هُن ڪواليفائنگ مرحلي جي ٽن ۽ فائنل مرحلي جون ست ميچز کٽي ٽائٽل پنهنجي نانءُ ڪيو. 18 سالن جي ايما ريڊوڪانو يو ايس اوپن گرينڊ سليم جي فائنل ۾ ڪينيڊا جي ليلا فرنينڊيز کي پهرين ٻن سيٽس ۾ شڪست ڏئي برطانيا جو 44 سالن جو ڊگهو انتظار ختم ڪيو، ان کان اڳ برطانيا جي ڪنهن رانديگرياڻي1977ع ۾ گرينڊ سليم ايونٽ کٽيو هو.  ايما ريڊوڪانو هلندڙ سال جون ۾ پهريون ڀيرو ڊبليو ٽي اي جي ڊرا ۾ شامل ٿي هئي، کيس ومبلڊن ۾ وائلڊ ڪارڊ انٽري ملي هئي ۽ هوءَ چوٿين رائونڊ تائين پهتي.هوءَ گرينڊ سليم ايونٽ کٽيندڙ سڀ کان ننڍي عمر جي برطانوي ٽينس رانديگرياڻي آهي، جڏهن ته ماريا شراپووا کانپوءِ هوءَ عالمي سطح تي سڀ کان  ننڍي عمر ۾ گرينڊ سليم ايونٽ کٽيندڙ رانديگرياڻي به بڻجي وئي آهي.