ڪابل (اسپورٽس نيوز) افغان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا کان تاريخي ٽيسٽ ميچ ملتوي يا رد نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.افغانستان ۾ طالبان طرفان عورتن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت نه ڏيڻ واري بيان بعد آسٽريليا تاريخي ٽيسٽ ميچ رد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. افغانستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ تاريخي ٽيسٽ ميچ 27 نومبر تي هوبارٽ ۾ شيڊول آهي.افغان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حامد شنواري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ٽيسٽ سيريز رد ٿيڻ سان ثقافت ۽ مذهبي قدرن کي تبديل نه ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن آسٽريليا جيان ٻيون قومون به افغان ٽيم سان ميچ جو بائيڪاٽ ڪن ٿيون ته افغانستان مان ڪرڪيٽ ختم ٿي ويندي.