ٺٽو (رپورٽر ) سنڌ ڪلچرل فورم جي اڳواڻ صادق لاکو چيو آهي ته سنڌ جا پهلوان حڪومتي بي ڌيانيءَ سبب ڪسمپرسيءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن،بک ۽ بدحاليءَ اسان کان ڀلوڙ ملھه پهلوان کسي ورتو. ٻئي جوڙ جي مشھور پهلوان ۽ سنڌ ڪلچرل فورم جي علي بخش ملاح جي پهرين ورسيءَ تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته علي بخش ملاح کي ملاکڙي سان عشق هيو، کيس “شھزادي پهلوان” جو لقب مليو. هن چيو ته مرحوم سنڌ جي وجود سميت سياسي سماجي ۽ علمي ادبي مسئلن تي سنڌ ڪلچرل فورم جو بهترين ساٿي هو، ليکڪ ۽ اديب استاد الهجڙيو برفت چيو ته علي بخش ملاح لاڙ جي خطي جو سداملوڪ پهلوان هو، ياسر جاکرو چيو ته سنڌ جا ملھه پهلوان ملھه کي زنده رکيو اچن.