جيڪب آباد ويجهو هڪ ڪروڙ رپين جي ماليت جون سوپاريون هٿ

0
325

جيڪب آباد: جيڪب آباد ڀرسان ڪسٽمز جي آپريشن ڪندي 10 ڪروڙ رپين جي ماليت جون 5 هزار ڪلو سوپاريون هٿ ڪري ورتيون آهن. اي سي ڪسٽم عرفان منگي موجب آپريشن دوران ٻن جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. سوپارين کي ٽرڪ ۾ صوفن جي ڪريٽ ۾ لڪائي کنيو پئي ويا، ٽرڪ ڪوئيٽا کان پنجاب وڃي رهيو هو. جوابدارن کي جوڊيشل رمانڊ تي موڪليو ويو آهي. گرفتار جوابدار حميد الله ۽ عبدالقدوس جو تعلق ڪوئيٽا سان آهي.