ڪچي پل (ن پ ا ) اليڪشن ڪميشن جو انوکو ڪارنامو، يونين ڪائونسل بگودڙو ۾ جميعت علماءِ اسلام لاءِ يوسي چيئرمين طور اميدوار الهداد کوسو کي بيلٽ پيپرن ۾ ڪتاب جي جاءِ تي مٽڪي جو نشان، جڏهن ته ٻن آزاد اميدوارن جنهن ۾ سليم  چانڊيو کي ٽي وي بدران ٻڪري جو نشان جڏهن ته ٽئين اميدوار زاهد مگسي کي ٻڪري جي نشان بدران ڪتاب جو نشان الاٽ ڪيو ويو، جنهن بعد يوسي بگودڙو ۾ اليڪشن معطل ٿي وئي آهي. ٻئي طرف آر او سان بار بار رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هن فون اٽينڊ نه ڪئي.