ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد ۾ پ پ جي ناراض اڳواڻ منور حسين ميمڻ ۽ اڳوڻي ٽائون چيئرمين صديق ميمڻ وچ ۾ ٿيل اختلاف ختم ٿي ويا، وڏي وزير جو پرسنل سيڪريٽري محمد سليم باجاري، پير آف ويهڙ شريف پير شفيق احمد ويهڙائي، پ پ اڳواڻ   شجاع احمد راهپوٽو ڀان سيدآباد ۾ منور حسين ميمڻ جي پيٽرول پمپ تي پهتا، جتي ڌرين ۾ سرچاءُ ڪرايو ويو، جنهن بعد  منور حسين ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسين سيد عبدالله شاهه جي دور کان شروع کان پاڪستان پيپلز پارٽي جا ووٽر ۽ سپورٽر آهيون، جيئن وڏو وزير مراد علي شاهه چوندو ئي ڪنداسين، اڳوڻي ٽائون چيئرمين صديق ميمڻ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان ۽  منور حسين ميمڻ وچ ۾ غلط فهميون ٿيون هيون، جيڪي اڄ ختم ڪري هڪ ٿي وياسين، بلدياتي اليڪشن ۾ وڏيرو منور حسين ميمڻ اسان جي ڀرپور مدد ڪندو.