چيلھار (ن پ ا) چيلھار ٽائون ڪاميٽي جي مالڪ پ پ کي اپسيٽ شڪست ٿي ۽ چئن مان رڳو ٻه وارڊ کٽي سگهي. چيلھار ٽائون ڪاميٽي تي ٽوٽل چار وارڊ مان 3 تي اليڪشن ٿي 2 وارڊ آزاد اميدوار جگديش راساڻي 532 ووٽ کڻي کٽيو ۽ سامھون بيٺل پي پي پي جي جگت راء موتاڻي 526 ووٽ کڻي 6 ووٽن  تي ھارايو. وارڊ نمبر ھڪ تي آزاد اميدوار رستم راٺوڙ 550 ووٽ کنيا ۽ سامھون بيٺل پي پي پي جو جھامن ميگھواڙ 361 ووٽ کڻي ھارائي ويو ۽ وارڊ نمبر 3 تي پي پي پي جي کٽيل اميدوار عرس ڪونڀر 681 ووٽ کنيا ۽ سامھون ھاريل اميدوار 344 ووٽ کان مٿي ووٽ نہ کڻي سگھيو. وارڊ نمبر 2 تي پي پي جي پرديپ مھراج سامھون بيٺل اميدوار جي رٽائر ٿيڻ تي ھن وارڊ تي بنامقابلي پي پي اميدوار اڳ ئي ڪامياب قرار ڏنل آھي. ھن چيلھار ٽائون تي اڳ ۾ پي پي جو ٽائون چيئرمين رھي چڪو آھي ۽ اتي ٻن وارڊن تي آزاد اميدوارن جي کٽڻ کان پوء پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۾ پريشاني جي صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ اڳواڻ گھرن تائين محدود ٿي ويا