حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته بلدياتي اليڪشن جي پھرئين مرحلي ۾ پ پ ۽ پوليس گڏجي مخالفن سان ڌانڌلي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن. سنڌ حڪومت مختلف کاتن مان چونڊي چونڊي من پسند  عملدارن کي ڊي آر اوز ۽ آر اوز مقرر ڪيو، جيڪي پرزائيڊنگ آفيسر بڻجي اليڪشن ۾ ڌانڌلي لاءِ سهولتڪار ثابت ٿيا آهن. پنهنجي بيان ۾ اياز لطيف پليجي چيو ته ٽنڊو آدم ۽ روهڙي ۾ چونڊن دوران بيگناهه ماڻهو قتل ٿيا جڏهن ته ڪنڌڪوٽ سميت ٻين علائقن ۾ جهيڙي دوران سوين ماڻهو زخمي ڪيا ويا. هن چيو ته اليڪشن شفاف ٿئي ته سنڌ جو عوام ووٽ جي طاقت سان ڪرپٽ ٽولي کي رد ڪري ڇڏيندو.