اسلام آباد(ڪامرس نيوز) هلندڙ مالي سال جي پنجن مهينن دوران وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 3.58 سيڪڙو گهٽتائي رڪارٽ ڪيئ وئي. شماريات کاتي موجب ٽيڪسٽائل جي شعبي ۾ پيداوار ۾ 11.45 سيڪڙو گهثتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ڪاٺ جي امصنوعات جي پيداوار ۾ 63.61 سيڪڙو گهٽتائي، دوائن جي شعبي جي پيداوار ۾ 23.22 سيڪڙو، آئرن اسٽيل جي مصنوعات جي پيداوار 0.87 سيڪڙو گهٽتائي ۽ ڪيميڪلز جي شعبي جي پيداوار ۾ 0.73 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب فرنيچر جي شعبي ۾ پيداوار ۾ 99.29 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ چمڙي جي شين جي پيداوار ۾ 8.18 سيڪڙو اضافو نوٽ ڪيو ويو.