سيوهڻ/ڀان سيدآباد (نمائندن وٽان) وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه ۽ گورنر پنجاب بليغ الرحمان گڏجي منڇر ڍنڍ جو دورو ڪيو، جتي منڇر ۾ ٻوڏ بعد تباهي واري صورتحال جو جائزو ورتو  ۽ اتي موجود منڇر واسين کان معلومات ورتي، جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري منڇر جي ماهيگيرن کي وڏي وزير سان ملڻ ئي نه ڏنو، پوليس نفري منڇر واسين کي وزيراعليٰ سنڌ جي ويجهو ئي وڃڻ نه ڏنو جنهن سبب ماهيگيرن ۾ مايوسي واري لهر ڇانئجي وئي، منڇر واسين پوليس جي رويي خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي.