اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثر 26 لک 70 هزار 312 گهراڻن ۾ في ڪس 25 هزار روڪ امداد طور 66 ارب 75 ڪروڙ، 78 لک رپيا تقسيم ڪرڻ جو عمل مڪمل ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آھي جاري ڪيل رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي ته ملڪ اندر ٻوڏ متاثر ڪل 27 لک 59 هزار 601 گهراڻن کي في ڪس 25 هزار روڪ امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هيو انهن گهراڻن مان 97 سيڪڙو گهراڻن يعني 26 لک 70 هزار، 312 گهراڻن ۾ 66 ارب، 75 ڪروڙ، 78 لک رپيا تقسيم ڪري چڪا آھيون رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته سنڌ صوبي جي ٻوڏ متاثر 18 لک 62 هزار 41 گهراڻن کي في ڪس 25 هزار رپيا روڪ امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي جن سنڌ صوبي جي گهراڻن  مان 98 سيڪڙو گهراڻن يعني 18 لک 22 هزار 985 گهراڻن ۾ 45 ارب 57 ڪروڙ 46 لک 25 هزار روپيا تقسيم ڪري چڪا آھيون سنڌ صوبي جي باقي 39 هزار 56 گهراڻن کي روڪ امداد جي فراهمي جو عمل جاري آھي جڏهن ته جڏهن ته بلوچستان صوبي جي 2 لک 16 هزار 542 گهراڻن ۾ 5 ارب ، 41 ڪروڙ 35 لک 50 هزار روپيا تقسيم ٿي چڪا آھن ، ڪي پي ڪي صوبي جي 3 لک 3 هزار 557 گهراڻن ۾ 7 ارب، 58 ڪروڙ، 89 لک 25 هزار، پنجاب صوبي جي 3 لک 26 هزار، 760 گهراڻن ۾ 8 ارب 16 ڪروڙ، 90 لک روپيا تقسيم ڪيا ويا آھن گلگت بلتستان جي 468 گهراڻن ۾ 1 ڪروڙ 17 لک تقسيم ٿيا آھن.