اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم جي خاص معاون ۽ پيپلزپارٽي جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آھي ته عمران خان جو لانگ مارچ نه پر سلو مارچ آھي، رات جو ننڊ ڪرڻ لاءِ عمران خان ڀڄي ويندو آهي، فيصل واوڊا لانگ مارچ جا مقصد سامهون آڻي چڪو آھي، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ اقتدار جي حوس لاءِ هر ڏوهه ڪري سگهي ٿي، علي امين گنڊاپور اسرار گنڊاپور کي قتل ڪرايو، عمران پنهنجي وزير اسرار گنڊاپور کي انصاف نه ڏئي سگهيو ڇو ته علي امين سندس ڪمائو پٽ آھي، فيصل ڪريم ڪنڊي اسرار گنڊاپور جي قتل جي جاچ چيف جسٽس پاڪستان ۽ چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ کان ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته آصف زرداري جا ڪنهن سان به بيڪ ڊور رابطا نه ٿي رهيا آھن بيڪ ڊور رابطا پي ٽي آءِ وارا ڪندا آھن.