سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر سنڌ اندر بدامني ۽ امن امان جي خراب صورتحال بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت وي آءِ پي پروٽوڪول تي مقرر  اهلڪار واپس وٺي آءِ  جي سنڌ کي امان امان کي بحال رکڻ ۽ ڌاڙيلن خلاف آپريشن بابت وقتائتو ۽ مستقل پلان رپورٽ تي عملدرآمد ڪرائڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ هاءِ ڪورٽ  سکر بار جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري علي گل عباسي جي درخواست تي لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سنڌ صوبي اندر امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائيندو ۽  امن و امان قائم ڪرڻ لاءِ   جمع ڪرايل پلان رپورٽ تي عمل ڪرايو ويندو ۽ سنڌ جو صوبائي گهرو سيڪريٽري ملٽري گريڊ جي هٿيارن جي خريداري لاءِ سمري کي يقيني بڻائيندو، فيصلي موجب سنڌ اندر وي آءِ پيز. وزيرن ۽ آفيسر شاهي کان ايس ايس يو ڪمانڊو سيڪيورٽي واپس وٺي انهن اهلڪارن کي ڪچي ۾ قائم ڪيل پوليس پڪٽس تي مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته صرف غيرملڪين کي سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پوليس کاتي ۾ سياسي اثر رسوخ کان سواءِ شفاف نموني سان ڀرتيون ڪيون وڃن ۽ ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن ڪري ملٽري گريڊ جي هٿيارن جي ڌاڙيلن کي ٿيندڙ فراهمي کي سيل ڪيو وڃي ۽ جيڪي پوليس آفيسر ۽ اهلڪار ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪن پيا يا وري ڪوڙيون ايف آءِ آرز ڪرڻ ۽ منشيات. جوا مافيه جي ڏوهن ۾ ملوث آهن انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري هڪدم هٽايو وڃي، عدالت جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ايس ايس پيز عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ امن امان جي حوالي سان علائقن ۾ کلي ڪچهريون ڪن جڏهن ته فيصلي ۾ اها به هدايت ڪئي وئي آهي  هر ضلعي ۾ ڌاڙيلن جي سر جي مقرر ٿيل قيمت واري رقم ايس ايس پي کي ڏني وڃي. فيصلي موجب هر ڏوهه جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کي يقيني بڻائي انويسٽيگيشن کي بهتر بڻائڻ آءِ فنڊ مختص ڪيا وڃن ۽ ايف آءِ آر جي جاچ مڪمل ڪري هر مهيني رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي ۽ پبلڪ سيفٽي ڪميشن کي پڻ فعال بڻايو وڃي.