اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد توشا خانه جي تحفن بابت نئين رولز جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڪو به سرڪاري عهدو رکندڙ شخص 300 ڊالرز جي ماليت کان وڌيڪ جو تحفو پاڻ وٽ رکي نه سگهندو، تحفا حاصل ڪندڙ سرڪاري عهدو رکندڙن جي ذميواري هوندي ته تحفو ملڻ کان پوءِ ان تحفي بابت توشا خانه ۾ رپورٽ ڪن، تحفو ملڻ يا وطن واپسي جي 30 ڏينهن اندر تحفي کي رپورٽ ڪرڻ ۽ جمع ڪرائڻ لازمي هوندو، 300 ڊالرز کان گهٽ ماليت جا تحفا به لاڳو ٿيل ضابطي تحت رقم جمع ڪرائي حاصل ڪري سگهبا، جڏهن ته خراب ٿيندڙ، کائڻ پيئڻ جي شين کي رپورٽ ڪرڻ يا جمع ڪرائڻ لازمي نه هوندو، گريڊ 5 يا ان کان وڌيڪ گريڊ جا آفيسر ڪنهن غير ملڪي شخصيت کان روڪ رقم وصول ڪري نه سگهندا، تحفن جي ماليت جي تعين لاءِ ڪابينا ڊويزن ايف بي آر ماهرن جون خدمتون حاصل ڪندي، تحفن کي وزيراعظم جي منظوري سان ڪابينا ڊويزن نيلام ڪري سگهندي، رولز صدر پاڪستان، وزيراعظم، انهن جي گهر ڀاتين، سينيٽ چيئرمين، اسپيڪر قومي اسيمبلي، چيف جسٽس آف پاڪستان، صوبن جي گورنرن، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، اٽارني جنرل، ڊپٽي چيئرمين سينيٽ، ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي، صوبائي وزيرن، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن، پارليامينٽ جي ميمبرن، تمام سول ۽ ملٽري اختيارين تي لاڳو هوندا.