اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ کي 3 ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق 15 کان 17 مارچ تائين قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ بند رهنديون، سينيٽ جي گولڊن جوبلي تقريبن سبب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي بند ڪيو ويو آهي، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي سميت تمام اسٽينڊنگ ڪاميٽين جا اجلاس ايندڙ ٽن ڏينهن دوران طلب ٿيل اجلاس ملتوي ڪري انهن لاءِ نيون تاريخون مقرر ٿينديون، ٽن ڏينهن دوران قومي اسيمبلي اسٽاف آفيس نه ايندو.