اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي سنڌ جي اڳواڻ حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي جي 11 يونين ڪائونسلن تي ضمني چونڊ نه ٿي آهي، اهو عمل اليڪشن ڪميشن لاءِ سواليا نشان آهي، اليڪشن ڪميشن جي ساک تباهه ٿي رهي آهي، اسان ڪراچي جي 10 وڏين شاهراهن تي احتجاج ڪنداسين، اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اسان جا وڪيل اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيا، اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن ڪنهن جي چوڻ تي 11 يونين ڪائونسلن ۾ ضمني چونڊ نه ڪرائي رهي آهي؟ اليڪشن ڪميشن مٿان پيپلزپارٽي اثر انداز ٿي رهي آهي، پيپلز پارٽي جعلي فارم 11 ٺاهڻ شروع ڪيا آهن، هن چيو ته فوري طور تي 11 يونين ڪائونسلن جي چونڊ ڪرائي وڃي، ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن يونين ڪائونسل 7 سلطان آباد ڪياماڙي جي رٽرننگ آفيسر کي معطل ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن مطابق صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن کي فوري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.