اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي اليڪشن ڪرائڻ واري قانون خلاف آئيني درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان ڪيل آئيني ترميمون ڪالعدم قرار ڏنيون وڃن، ڪالهه درخواستگذار ايڊووڪيٽ سليم الله خان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته 17 نومبر تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومت اپوزيشن جي مشوري کان بغير 33 بل منظور ڪرايا، منظور ڪيل بلن تي ڪنهن به قسم جو بحث نه ٿيو هو، منظور ڪيل آئين جي خلاف ورزي ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهن، اي وي ايم مشين جي حوالي سان آئين ۾ ترميم ملڪ ۾ ڌانڌلي جو نئون دروازو کوليندي ۽ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ کي فائدو پهچائيندي، جڏهن ته اي وي ايم مٿان جيڪو خرچ ايندو اهو ان جي فائدي کان وڌيڪ هوندو، وفاقي حڪومت اليڪشن جي حوالي سان جيڪي ترميمون ڪيون آهن اهي اليڪشن ڪميشن کي اختيارن ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي برابر آهن، جڏهن ته ڪيل ترميمن ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جي حق جي استعمال جي به وضاحت نه ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ وفاقي حڪومت، اليڪشن ڪميشن، قانون واري وفاقي سيڪريٽري سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.