اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي پارلياماني مامرن بابت ڪاميٽي جي اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊون ڪرائڻ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي انٽرنيٽ ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت بلن تي ووٽنگ ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، تفصيل موجب سينيٽ جي پارلياماني مامرن بابت ڪاميٽي جو ڪالهه ٽئين ڏينهن تي به اجلاس ڪاميٽي چيئرمين تاج حيدر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ  مشين ذريعي چونڊون ڪرائڻ ۽ انٽرنيٽ ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت بلن جي منظوري لاءِ ووٽنگ ٿيڻي هئي، پر اجلاس ۾ بلن تي ووٽنگ ٿيڻ بجاءِ سينيٽ چيئرمين پاران سينيٽ جي پارلياماني مامرن بابت ڪاميٽي ۾ حڪومتي ڌر مان ثمينا ممتاز کي ميمبر مقرر ڪرڻ تي مخالف ڌر جي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو، ن ليگ جي اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هو ته جڏهن ڪاميٽي مٿي ڄاڻالي ٻنهي بلن تي بحث مڪمل ڪري چڪي آهي ان وقت حڪومتي ڌر مان هڪ اضافي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي، حڪومت کي ان طرح بلن کي بلڊوز ڪرڻو آهي ته اسان کي ان بيضابطگي جو حصو نه بڻجڻ گهرجي، ڪاميٽي چيئرمين تاج حيدر چيو ته ڇا اضافي ميمبر مقرر ڪري غلط پارلياماني روايت قائم نه پئي ڪئي وڃي، پيپلز پارٽي جي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪو به سينيٽ جو ميمبر 5 ڪاميٽين جو ميمبر ٿي سگهي ٿو، ثمينا ممتاز ڇهين ڪاميٽي ۾ ميمبر ٿي آهي، جيڪا رولز جي خلاف ورزي آهي، اضافي ميمبر مقرر ڪرڻ جو فيصلو بدنيتي تي ٻڌل آهي، بابر اعواڻ چيو ته 37 اعتراضن باوجود اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم منظور ٿي ته قانون ٺهي ويندو، جنهن کان پوءِ ڪاميٽي ٻنهي بلن تي ووٽنگ 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.