اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايون فيلڊ ريفرنس ڪيس ۾ مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي اپيلن تي ڪيس ۾ نئون موڙ اچي ويو،  نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي  وڪيل امجد پرويز ڪيس جي پيروي کان معذرت ڪري ڇڏي. مريم نواز ايون فيلڊ ڪيس جون حقيقتون سامهون آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪالهه  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي. مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر عدالت ۾ پيش ٿيا پر انهن جو وڪيل امجد پرويز عدالت ۾ پيش نه ٿيو. مريم نواز ٻڌڻي دوران روسٽرم تي اچي ٻڌايو ته منهنجو وڪيل امجد پرويز ڪورونا سبب بيمار آهي ۽ هن 2 ڏينهن اڳ منهنجي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي کان معذرت ڪئي آهي.  مان هڪ ٻي پٽيشن داخل ڪرڻ چاهيان ٿي. منهنجي اپيل ٻڌڻ کان اڳ ميرٽ جي بجاءِ هن پٽيشن کي ٻڌو وڃي. مان ڪجهه حقيقتون هڪ ٻئي پٽيشن جي ذريعي سامهون آڻڻ چاهيان ٿي. مون کي وڪيل ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جو وقت ڏنو وڃي. اپيل جي ميرٽ تي دليل کان اڳ هن پٽيشن کي ٻڌو وڃي.  جنهن کان پوءِ عدالت مريم نواز کي ٻيو وڪيل ڪرڻ جي لاءِ 23 سيپٽمبر تائين مهلت ڏئي ڇڏي. عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته ايون فيلڊ ڪيس پٺيان ڪير هو ۽ ڇا ڪرڻ گهرندو هو؟، سموريون حقيقتون سامهون آڻينديس، هن چيوته منهنجا وڪيل درخواست تيار ڪري رهيا آهن، سڀ اڇا ڪارا پڌرا ڪنديس، مون عدالت کان حقيقتون سامهون آڻڻ لاءِ وقت گهريو آهي ۽ قوم جي سامهون حقيقتون اچڻ گهرجن ته منهنجي خلاف ڪيس ڪيئن ٺهيو. منهنجي خلاف هي ڪيس انتقام تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪوڙي ۽ جعلي تبديلي مان جلد جند آجي ٿيندي، جڏهن ڊڪٽيٽر شپ نه رهي ته پوءِ هي به رهي نه سگهندا، هڪ سوال تي مريم نواز چيو ته نواز شريف، شهباز شريف کي وزير اعظم لاءِ اميدوار نامزد ڪيو ته کيس سپورٽ ڪنديس، شهباز شريف پارٽي جو صدر آهي، هو جيڪو فيصلو ڪندو ان کي قبول ڪنداسين، صحافي طرفان مريم نواز کان سوال ڪيو ويو ته چوڌري نثار موجب پيپلز پارٽي سٺي سياست ڪري رهي آهي  ان جي باري ۾ اوهان ڪجهه چوندا.؟ جنهن تي مريم نواز چيو ته مان ان تي ڪجهه به نٿي ڳالهائڻ چاهيان. افغانستان جي صورتحال بابت مريم نواز چيو ته پاڪستان کي افغانستان جي اندروني سياست ۽ مامرن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، اسلام آباد کي افغان عوام جا فيصلا مڃڻ گهرجن.