اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ايندڙ عام چونڊون ڪرائڻ تي واريل 37 اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو، ايندڙ عام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ڪرائڻ لاءِ قانون سازي ڪرڻ جو اعلان ڪندي وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته چونڊن ۾ شفافيت  ٽيڪنالاجي سان ايندي، 2023ع جون چونڊون مشين ذريعي ٿينديون جڏهن ته ذريعن ٻڌايو آهي ته اڱاري اليڪشن ڪميشن عام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ڪرائڻ تي 37 اعتراض لکت ۾ پيش ڪيا هئا جنهن تي وزيراعظم عمران خان سائنس ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير کي انهن اعتراضن جو جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي جنهن بعد سائنس ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير شبلي فراز  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ايندڙ عام چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي کي پذيرائي به ملي رهي آهي، مخالفت اهي ڪري رهيا آهن جيڪي نه ٿا چاهين ته صاف شفاف چونڊون ٿين، ڇو ته انهن جا پراڻي نظام سان مفاد جڙيل آهن، ڌانڌلي ڪندڙن لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بري خبر آهي، هن چيو ته ملڪ اندر سموريون چونڊون تڪراري رهيون آهن، انهن تڪرارن جي خاتمي لاءِ عمران خان کان بهتر ڪو شخص نه ٿو ٿي سگهي، عمران خان ڪرڪيٽ ۾ به نيوٽرل امپائر آندا، هاڻي ڪا به ڪرڪيٽ ميچ تڪراري ناهي ٿيندي، عمران خان چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ جي صورت ۾ نيوٽرل امپائر آڻي رهيو آهي،  سپريم ڪورٽ به فيصلي ۾ چونڊن کي ٽيڪنالاجي کي رستو ڏيڻ جو چيو آهي، ٽيڪنالاجي جي مخالفت ادارن مان به ٿي رهي آهي، اهي به نه ٿا چاهين ته شفاف نظام اچي، پر اسان ملڪ جي  ڪل آبادي ۾ 60 سيڪڙو تعداد رکندڙ نوجوانن لاءِ فيصلو ڪيو آهي، جمهوريت کي مضبوط ۽ پارليامينٽ جي ساک کي وڌائڻو آهي ته چونڊون شفاف ۽ قابل اعتماد هجڻ گهرجن، چونڊن ۾ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي ذريعي ايندي، هن چيو ته اڱاري ڏينهن سينيٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن 37 سفارشون يا آبزرويشنز جمع ڪرايون آهن، اليڪشن ڪميشن جي 37 نقطن مان 27 نقطا اهڙا آهن جن جو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ٽيڪنالاجي سان ڪو تعلق ناهي، اهي 27 نقطا اليڪشن ڪميشن جي ڪيپيسٽي بابت آهن، باقي 10 نقطن جو تعلق اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان آهي،  انهن 10 نقطن جو حل ٺاهيل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ڪڍي چڪا آهيون، وفاقي وزير چيو ته حڪومت جو ڪم قانون سازي ڪرڻ آهي، قانون سامهون سڀ جوابده آهن، هن واضح ڪندي چيو ته حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت مڪمل پرعزم آهي، ان لاءِ گهربل قانون سازي ڪنداسين، 2023ع جون چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ڪرائينداسين، اهو تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل هوندو، پهريون ڀيو صاف شفاف ۽ غير تڪراري چونڊون ٿينديون، هن چيو ته 17 آگسٽ تي اليڪشن ڪميشن کي ووٽنگ مشين بابت ڊيمو پيش ڪيو هو، ان بعد اليڪشن ڪميشن ٽيڪنيڪل ڪاميٽي ٺاهي هئي، جنهن جو پهريون اجلاس اربع ڏينهن (ڪالهه) ٿيو، جنهن ۾ سائنس ٽيڪنالاجي وزارت جي به ٽيڪنيڪل ٽيم شرڪت ڪئي، گهربل تفصيلن مان ڪيترائي تفصيل ڪاميٽي کي ڏنا آهن، رهندڙ به ايندڙ اجلاس ۾ ڏينداسين، هن چيو ته اهو نه ٿو  ٿي سگهي ته نتيجو پهريان اچي وڃي ۽ امتحان بعد ٿئي، هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت تڪرار پيدا ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن جا 37 نقطا ائين آهن اليڪشن ڪميشن رڳو اليڪٽرانڪ ووٽنگ  مشين بابت تلخ تجربا سامهون آندا پر ان جا مثبت رخ به آهن، وفاقي وزير شبلي فراز هڪ ڀيرو وري مخالف ڌر کي دعوت ڏيندي چيو ته مخالف ڌر کي درخواست ڪريان ٿو ته مخالف ڌر پنهنجا مفاد نه ڏسي، مخالف ڌر پنهنجي ٽيڪنيڪل ماهرن جي ٽيم جوڙي انهن جا سوال ۽ خدشا دور ڪنداسين، مخالف ڌر چاهي ته غير ملڪي ماهرن تي ٻڌل ٽيم به مقرر ڪري سگهي ٿي، بنا ووٽنگ مشين ڏسڻ  جي ان کان انڪار نه ڪيو وڃي، هن چيو ته اسٽيٽسڪو جي ڪوشش آهي ته پراڻو نظام رهي، اسان کي اهي فيصلا ڪرڻا آهن جيڪي ملڪ ۽ قوم جي بهتري ۾ هجن، ان لاءِ هر قدم کڻنداسين، هن چيو ته توهان کي فخر هجڻ گهرجي ته سائنس ٽيڪنالاجي وزارت ووٽنگ مشين ٺاهي آهي، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، ووٽنگ مشين بيٽري تي هلندي، بيٽري 24 ڪلاڪ هلي سگهي ٿي، اها لائيٽ جي محتاج ناهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ووٽنگ مشين کي اليڪشن ڪميشن رد نه ڪيو آهي، نه ئي اڃا منظور ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن جي جوڙيل ڪاميٽي جي رپورٽ اچي ويندي ته پوءِ معلوم ٿيندو ته ڪير ڪٿي بيٺل آهي، هن چيو ته 2 هزار مشينون روز ٺاهي سگهون ٿا، چونڊن ۾ گهربل مشينون 6 مهينن ۾ ٺهي وينديون، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊن تي 150 ارب رپيا خرچ ٿيڻ واريون ڳالهيون 100 سيڪڙو غلط آهن، ايندڙ چونڊن ۾ 2 سال اڃا آهن ان لاءِ ٽريننگ، مشينون ٺاهڻ سميت ڪم ٿي سگهن ٿا، مشينن کي پولنگن تائين پهچائڻ لاءِ صلاحيت وارا مامرا اليڪشن ڪميشن  جو ڪم آهي، اسان جو ڪم رڳو قانون ٺاهڻ آهي مشين ذريعي چونڊون ڪرائڻ لاءِ قانون ۾ جيڪي به ترميمون گهربل هونديون اهي ڪنداسين، 2023ع ۾ چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ٿينديون، قانون ٺهي ويو ته ادارن کي قانون تحت هلڻو پوندو، جڏهن حڪومت مدت مڪمل ڪري ختم ٿي ويندي ته ان وقت نگران حڪومت هوندي، نگران حڪومت قانون تبديل نه ڪري سگهندي، پوءِ چونڊون ته منظور ٿيل قانون تحت ئي ٿينديون، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اندازي مطابق 4 لک پولنگ بوٿ آهن، اوتريون ئي مشينون گهربل هونديون، هن چيو ته هاڻي اسان اهو چيلينج پيش ڪرڻ وارا آهيون ته هي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين آهي، ان کي ڪو هيڪ ڪري ڏيکاريو.