اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد جي ٻيلن جي هڪ هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ٿيو، ٽيڪنالاجي قبضا گروپن کي  شڪست ڏيندي، ڪالهه اسلام آباد ۾ زمين جو رڪارڊ ڊجيٽلائيز ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مافيائون نه ٿيون چاهين ته زمين جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ٿئي، هن چيو ته زمين جو رڪارڊ ڊجيٽل ٿيڻ کان پوءِ هر ڪو پنهنجي پلاٽ کي ڪمپيوٽر تي ڏسي سگهندو، زمين جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ نه ٿيڻ سان طاقتور ماڻهن کي فائدو ٿيندو رهيو، ناجائز طور تي ملڪيتن تي قبضي سان ماڻهو انتهائي طاقتور بڻجي ويا، سمنڊ پار پاڪستاني به اهڙن قبضن سبب متاثر ٿيا، هن چيو ته اسلام آباد، لاهور، ڪراچي شهرن جي زمين به ڊجيٽل ميپنگ نومبر تائين ٿي ويندي.