ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير امين الحق چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاران سنڌ جي گورنر لاءِ  نسرين جليل جو نالو ڏنو ويو آهي، هوءِ 2 ڀيرا سينيٽر پڻ رهي چڪي آهي، سندس حب الوطني تي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، وفاقي حڪومت  گورنر لاءِ اسان جي انهي نالي کي منظور ڪري، ايم ڪيو ايم متحد آهي، ڪارڪن ايم ڪيو ايم جي جهنڊي سان پيار ڪن ٿا، ماڻهن جي اچڻ وڃڻ سان ڪو فرق نه پوندو،  ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو کاتو ملڪ ۾ آءِ ٽي جي حوالي سان ڪافي ڪم ڪري پيو، اڄ هر ڪنهن جي هٿ ۾ موبائل فون آهي، هن چيو ته تيز برساتن ڪري سڄي سنڌ جو انفرااسٽرڪچر متاثر ٿيو آهي ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي ته اهو انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ ڪم ڪري، هن چيو ته عمران خان هاڻي وزيراعظم ناهي، کيس هوش ۾ اچي مخالف ڌر جي اڳواڻ وارو ڪردار ادا ڪرڻ  گهرجي