ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي طرفان پي ٽي آءِ جي منع ٿيل فنڊنگ بابت شروع ڪيل انڪوائري خلاف اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ سيما ضياءَ طرفان داخل ڪيل درخواست تي ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن کي 3 نومبر تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي عمران اسماعيل ۽ سيما ضياءَ کي 26 سيپٽمبر تي ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.  پي ٽي آءِ اڳواڻن عمران اسماعيل ۽ سيما ضياءَ پنهنجي درخواست  ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عمران اسماعيل ۽ ٻين خلاف جن 3 بينڪ اڪائونٽس جي بنياد تي انڪوائري ڪئي پئي وڃي، اهي بند پيل آهن، عدالت کي گذارش آهي ته  ايف آءِ اي طرفان جاري ڪيل ڪال اپ نوٽيس کي ڪالعدم قرار ڏئي درخواستگذارن خلاف شروع ڪيل انڪوائري ختم ڪئي وڃي، جڏهن ته ايف آءِ اي کي ڪو به حڪم جاري ڪرڻ کان روڪيو وڃي.