ڪراچي (م ڊ) عمران خان جي وڪيل حامد خان چيو آهي ته عمران خان غيرمشروط معافي ناهي ورتي،  نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي حامد خان چيو آهي ته غيرمشروط معافي ۾ پنهنجي قبول ڪرڻو پوندو آهي ته مون کان توهين ٿي آهي، تنهن جي غيرمشروط معافي وٺان ٿو پر عمران خان چيو آهي ته منهنجو عورت جج کي ڌمڪائڻ جو مقصد نه هو ۽ نه وري عدليا جي خلاف ڪجهه چوڻ چاهيان پيو پر ان باوجود جيڪڏهن عورت جج چاهي ٿي ته مون ڪا ريڊ لائين پار ڪئي آهي ته آئون ان تي معافي وٺڻ لاءِ تيارآهيان پر منهنجي خيال ۾ ڪا توهين عدالت ناهي ڪئي، جيڪو پهريون موقف اختيار ڪيو هو اهو ئي موقف آهي، حلف نامو به انهي تحت هوندو، پهرين به 2 جوابن ۾ اهو ئي چيو آهي ته عدالت کي مطمئن ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسان ڪابه توهين عدالت ناهي ڪئي.حامد خان چيو آهي ته فواد خان جو نالو ٻڌڻ به پسند ناهيان ڪندو، پارٽي ۾ اختلاف راءِ ٿيندا آهن، مونکي تحريڪ انصاف کان ڪير به الڳ نٿو ڪري سگهي، جسٽس قاضي فائز عيسي ريفرنس تي منهنجا اختلاف هئا.