بيجنگ (م ڊ) وزيراعظم شهبازشريف چين جي سرڪاري دوري تي پهچي ويو،  چين کان 6 ارب ڊالر قرض رول اور ٿيڻ جو امڪان آهي، وزيراعظم شهبازشريف چين جي سرڪاري دوري تي پهچي ويو، بيجنگ ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو اعليٰ چيني اختيارين استقبال ڪيو، وزارت عظميٰ سنڀالڻ بعد وزيراعظم شهبازشريف جو چين جو هي پهريون دورو آهي، ٻئي طرف شهبازشريف چيني صدر، وزيراعظم ۽ سيڙپڪارن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪندو، جڏهن ته چيني وزيراعظم سان وفد جي سطح تي به ڳالهيون ٿينديون، جنهن ۾ سي پيڪ جي منصوبن تي هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائي جو جائزو وٺي اڳتي وڌڻ تي غور ڪيو ويندو، دوري دوران ٻنهي ملڪن ۾ اهم معاهدن ۽ ايم ايم او يوز تي صحيح سان گڏ 6 ارب 30 ڪروڙ ڊالرز قرض ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي.  ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته چيني قيادت سان ڳالهين جو اهم شعبن ۽ خاص طور سي پيڪ تي فوڪس هوندو، سي پيڪ جو ايندڙ مرحلو سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي نئين دور جي شروعات آهي.