اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽر اعظم سواتي چيو آهي ته مون کي ماري ڇڏين ها ان جي پرواهه نه هئي پر منهنجي عزت ۾ هٿ وڌيا ويا، مون کي اڻڄاتل هنڌ وٺي منهنجي ويڊيو ٺاهي وئي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران اعظم سواتي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي سند يافته ڏوهاري ۽ ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته هي جيڪو پاڪستاني قوم آڏو پوکي رهيو آهين اهو ئي لڻندو، هن چيو ته منهنجي گهر جي تلاشي دوران قيمتي شيون کڻي ويا، جاچ آفيسر ٻن ڏينهن کانپوءِ پنهنجي ڪسٽڊي ۾ مون کان صحيحيون ڪرايون، منهنجو ڪيس کولڻ تي چيف جسٽس جو ٿورائتو آهيان، اعظم سواتي چيو ته منهنجون سي سي ٽي وي ڪيمرائون اعليٰ عدالت پنهنجي تحويل ۾ وٺي، انهن جو فارنزڪ ڪرايو وڃي ته جيئن پتو پوي ته ڪيترا ماڻهو منهنجي گهر آيا هئا. پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته منهنجي اڌ ڪيس جون شاهديون سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۾ آهن پر هو سي سي ٽي وي ڪيمرائين سان بيڪ اپ به کڻي ويا آهن.