اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا جي سفارش تي وفاقي ڪابينا جي منظوري سان نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو، شهباز گل ادارن خلاف تڪراري بيان واري ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي.