ڪراچي(رپورٽ: نظير ميمڻ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪمند جو اگهه مقررڪرڻ ۽ پهرين آڪٽوبر تي شوگر ملون نه هلائڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،  آبادگار اتحاد جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پهرين نومبر گذرڻ باجود ڪمند جي امدادي قيمت مقررنه ٿي سگهي آهي، جنهن تي ڪين ڪمشنر چيو ته جلد شگر ڪين بورڊ جي ميٽگ ڪوٺائي امدادي قيمت مقررڪئي ويندي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان رڳو ميٽنگز ڪندا يا ڪم به ڪندا؟ هڪ هفتي اندر  ڪمند جي ڪرشنگ شروع ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ توهين عدالت جي ڪاروائي ڪئي ويندي، اسان جلدي فيصلو ڪنداسين، جنهن تي ڪين ڪمشنر چيو ته 30 نومبر تائين ڪمند جي امدادي قيمت مقررڪرڻ جو ٽائيم آهي،  چيف جسٽس ڪين ڪمشنر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته زراعت کاتي جو ڪو اعليٰ عملدارآيو آهي يا نه؟ اوهان ڪمند جي اگهه مقررڪرڻ بابت ڇا طئه  ڪيو آهي؟  ڪين ڪمشنر جواب ڏيندي چيو ته آئون بيوس آهيان، ڪمند جو اگهه  مقرر ڪرڻ سنڌ حڪومت جو ڪم آهي، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪين ڪمشنر کي چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل  معرفت چيف سيڪريٽري سان رابطو ڪري ڪمند جو اگهه مقررڪري اڄ ئي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وڃي، هوڏانهن چيف سيڪريٽري جي مصروف هئڻ ڪري ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ جي معرفت ويل نمائندن سان ملاقات نه ٿي سگهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ صبح جو 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگار اڳواڻ زبير ٽالپر چيو ته برسات سبب اسان جون ڦٽيون، مرچ، ڀاڄيون ۽ ڪمند سڙي تباهه ٿيا آهن، هن وقت به ٻوڏ متاثر روڊن تي ويٺل آھن، هن چيو ته نومبر مهينو شروع ٿي ويو آهي، شگر ڪين ايڪٽ هيٺ 30 آڪٽوبر تائين شگر ملون ھلڻيون هيون، سرڪار اڃا ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو، هن چيو ته  ھن مھانگائي جي دور ۾ ڪمند جو اگهه  400 روپيه مڻ ھئڻ گھرجي،