ڪراچي (م ڊ) ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان کان حقيقي آزادي مارچ ۾ شرڪت لاءِ قافلا روان دوان ٿي ويا، پنجاب جي سينيئر وزير ميان اسلم اقبال چيو آهي ته هن وقت سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان مان حقيقي آزادي لانگ مارچ ۾ شرڪت لاءِ قافلا نڪري چڪا آهن، سڄو ملڪ هڪ ئي مطالبو ڪري رهيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي، جيڪڏهن هن عوامي سمنڊ جي ڳالهه نه ٻڌي وئي ته نتيجن جي ذميوار حڪومت پاڻ هوندي.