اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر عافيه صديقي جي خيريت معلوم ڪرڻ ۽ جلد آزادي لاءِ پرڏيهي وزارت کي آمريڪي حڪومت سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ڊاڪٽر فوزيه صديقي ملاقات ۾ مطالبو ڪيو ته حڪومت ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌائي، وزيراعظم حڪومت پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.