اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوانن کي بين الاقوامي معيار جي اعليٰ تعليم فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي،  اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم شهباز شريف بين الاقوامي تعليم ۽ تدريس، يونيورسٽي آف لنڊن جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ميري ستياسني سان ملاقات دوران ڪيو ، ملاقات ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر  ڊاڪٽر مختار احمد ۽ لاڳاپيل آفيسرن به شرڪت ڪئي.