تنگواڻي(رپورٽ:لطف سنڌي) تنگواڻي ٿاڻي جي حد ٺل_ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽرڪ جا ٽائر برسٽ ڪرڻ بعد ڊيرا الهيار واسي ٽرڪ ڊرائيور 45 ورهين جي عبدالغني جتوئي ۽ ڪلينر زبير بهراڻي کي اغوا ڪري ويا، وارثن عبدالغفار جتوئي، ضمير بهراڻي، عبدالرزاق بهراڻي تنگواڻي پهچي احتجاج ڪني چيو ته 2 ڏينهن اندر مغوين کي بازياب نه ڪرايو ويو ته احتجاجي تحريڪ جو رستو اختيار ڪيو ويندو، پوليس پيرا گم ڪري واپس ٿي، ايس ايچ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪچي ۾ هلندڙ آپريشن جي رد عمل ۾ انڊس هاءِ وي تي هٿياربند اچي ڏوهه ڪن ٿا، جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڏوهارين تائين پهچي مغوين کي بازياب ڪرائينداسين.