سکر (بيورو رپورٽ) جسٽس صلاح الدين پنهور چيو آهي ته سنڌ ۾ اڃا ڪو به ادارو بهتر ناهي، انهن کي بهتر ڪرڻ ۾ سال لڳي ويندا. هاءِ ڪورٽ بار سکر طرفان سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي جسٽس صلاح الدين پنهور وڌيڪ چيو ته جڏهن وڪيل هئاسين ته ڳاٽ مٿي ڪري هلندا هئاسين، جج ٿيڻ جي ذميواري عوام کي انصاف يقيني بڻائڻ لاءِ قبول ڪئي، ان ڪري ڪنڌ هيٺ ڪيو آهي. جج ٿيڻ ڏکيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ججن جو وڪيلن سان سٺو ورتاءُ نه هوندو ته سٺا وڪيل ۽ جج ڪيئن پيدا ٿي سگهندا. جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ٻاهرين ماڻهوءَ کي ڪهڙي ڄاڻ ته سول اسپتال ڇا ٿيندي آهي. ان کي سائوٿ سٽي جهڙي سهولت مليل آهي. ٽي چار ڪروڙ عوام جي ذميواري ججن مٿان آهي. ويهن ڪروڙن جي ڪورٽ واري عمارت اندر ڪٽهڙي ڀرسان شاهد کي ويهارڻ لاءِ نه ڏئي سگهيا آهيون. هن چيو ته سنڌ ۾ 50 هزار يا ان کان وڌيڪ استاد ڀرتي ٿيڻ سٺو عمل آهي پر اهي رات وچ ۾ ظاهر ناهن ٿيون. نوجوانن 10- 10 سال انتظار ڪيو، ان جو ازالو ڪير ڪندو.