اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وزير اعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي،  وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب اڳوڻي صدر آصف زرداري جي وزير اعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف آصف علي زرداري جو استقبال ڪيو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف کان صحت بابت دريافت ڪيو، جنهن تي وزيراعظم سندس شڪريو ادا ڪيو، وزيراعظم ۽ اڳوڻي صدر ۾ مجموعي ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ذريعن مطابق اڳوڻي صدر ۽ وزير اعظم وچم اهم مقرري جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ٿي.