اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جو 24 کان 26 نومبر تائين ترڪي جو دورو ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي، وزيراعظم هائوس جي ذريعن مطابق وزيراعظم شهباز شريف 24 نومبر تي 3 ڏينهن جي دوري تي ترڪي روانو ٿيندو، وزيراعظم شهباز شريف ٽن ڏينهن جي دوري دوران ترڪ قيادت سان ملاقاتون ڪندو ۽ پاڪ ترڪ تعاون سان تيار ٿيندڙ بحري جهاز سمنڊ ۾ لاهڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو، ٻطرفن واپار وارن مامرن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي دوري جو شيڊول تبديل به ٿي سگهي ٿو.