راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته گهرو وزير  جو سمري بنا آرمي چيف مقرري جو بيان خطري جي گهنٽي آهي، ٽوئيٽر تي بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته گهرو وزير جو بيان واضح آهي، سڀ سٺو ناهي، ڇاڪاڻ سڀ هڪ پيج تي نه آهن، شيخ رشيد چيو ته جيستائين نئون آرمي چيف مقرري جو مسئلو حل نه ٿيندو، تيستائين سياست ۾ ٺاپر نه ايندي، 30 نومبر تائين فيصلو ٿي ويندو، آر يا بار ٿيندو، هن چيو ته ملڪ ڏيوالو ٿيڻ جي ويجهو پهچي چڪو آهي ۽ هتي نفسا نفسي جو عالم آهي پر 5 ڏينهن انتهائي اهم آهن، پي ڊي ايم به ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيڻ واري آهي، ڪير ٽيڪر جو مدو نه ٿو وڌي سگهي، پاڻ ئي اثاثن جو رڪارڊ ليڪ ڪرائن ٿا ۽ پاڻ ئي جاچ جو حڪم ڏين ٿا. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته 26 نومبر 2 وڳي راولپنڊي عمران خان جي لانگ مارچ جو تاريخي استقبال ڪندو.